Thursday, July 26, 2012

Re: **JP** لاڙڪاڻي جي شيخ زيد اسپتال مقتل گاهه بڻجي وئي، وڌيڪ 6 ٻارڙا فوت، 36 ڪلاڪن ۾ انگ 10 ٿي ويو

السلام علیکم ورحمۃ اللہ وبرکاتہ
برادرم عبدالقادر صاحب
کچھ ہمیں بھی تو پتا چلے کہ کیا صورتِ حال ہے۔یہاں پوری پاکستانی برادری آپ کی طرف متوجہ ہوتی ہے۔اگر سب کو اس کا پتا چل جائے تو ممکن ہے کہ اس کا زیادہ فائدہ ہوسکے۔
والسلام
مخلص


From: srdo abdul qadar <aqbullo@yahoo.com>
To:
Sent: Thursday, July 26, 2012 10:37 AM
Subject: **JP** لاڙڪاڻي جي شيخ زيد اسپتال مقتل گاهه بڻجي وئي، وڌيڪ 6 ٻارڙا فوت، 36 ڪلاڪن ۾ انگ 10 ٿي ويو

لاڙڪاڻي جي شيخ زيد اسپتال مقتل گاهه بڻجي وئي، وڌيڪ 6 ٻارڙا فوت، 36 ڪلاڪن ۾ انگ 10 ٿي ويو
لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ)لاڙڪاڻي جي شيخ زيد ٻارڙن واري اسپتال ۾ سهولتن جي اڻاٺ سبب وڌيڪ 6 ٻار فوت، 36 ڪلاڪن  ۾ فوتي ٻارڙن جو انگ 10 ٿي ويو، اسپتال اندر بجلي جو بحران جاري، صفائي نه هجڻ سبب داخل ٻارڙا ٺيڪ ٿيڻ بدران فوت ٿيڻ لڳا، اسپتال انتظاميا پنهنجي ڪوتاهي لڪائڻ لاءِ مرندڙ ٻارڙن جو رڪارڊ صحت جي اعليٰ اختيارين کي موڪلڻ بدران لڪائي ڇڏيو، اسپتال جي آءِ سي يو وارڊ جون ايئرڪنڊيشنز به خراب، سهولتن جي اڻاٺ ۽ ٻارڙن جي لڳاتار موت خلاف وارثن جو احتجاج، تفصيل موجب لاڙڪاڻي جي شيخ زيد ٻارڙن جي اسپتال ۾ صفائي نه هجڻ سبب بدبوءِ پکڙجي وئي آهي، جنهن ڪري اسپتال ۾ علاج لاءِ داخل ٻارڙا صحتياب ٿيڻ بدران لڳاتار مري رهيا آهن، گذريل 36 ڪلاڪن ۾ 10 ٻار اسپتال اندر فوت ٿي ويا آهن، جنهن ۾ آءِ سي يو وارڊ ون ۾ داخل 5 مهينن جي سڪينه ڌيءَ عاشق ڀنگر جيڪا لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ڪوٺي ڪلهوڙا جي رهواسڻ هئي ۽ رت جي کوٽ واري بيماري ۾ مبتلا هئي، شهدادڪوٽ شهر جي رهواسڻ 2 ورهين جي حميده ڌيءُ عبدالرحيم کوکر آءِ سي يو وارڊ ٽو ۾ فوت ٿي وئي، ڪوثر مل پاڙي جو رهواسي اڍائي ورهين جو ٻارڙو عادل پٽ گدا حسين ڀٽي، بلوچستان جي باغ ٽيل جي رهواسي رمضان بروهي جا هڪ ڏينهن جا ڄاول جاڙا ڌيءَ پٽ ۽ دودا پور واسي شمن چانڊيو جو تازو ڄاول پٽ پڻ ڪالهه اسپتال اندر فوت ٿي ويو، ٻارڙن جا لاش وارث آلين اکين سان کڻائي پنهنجي شهرن ڏانهن روانا ٿي ويا آهن، گذريل ڏينهن اسپتال اندر 4 ٻار فوت ٿي ويا هئا، اسپتال ۾ موجود عملي جي ماڻهن نالو ظاهر نه ڪرڻ تي ٻڌايو ته گذريل ڏينهن صبح کان وٺي اسپتال جي بجلي بند هئي، جنهن ڪري ٻارڙن جو موت واقع ٿيو آهي، ٻارڙن جي وارثن احتجاج به ڪيو هو پر اسپتال انتظاميا ان جو ڪو به نوٽيس نه ورتو، لاڙڪاڻي ۾ شديد گرميءَ ۾ بجلي جي اک ٻوٽ، ڊاڪٽرن جي بي ڌياني اسپتال اندر لڳاتار ٻارڙن جي موت جو سبب بڻيون آهن، اسپتال ۾ داخل مريض ٻارڙن جي وارثن ٻڌايو ته اسپتال اندر علاج وارو سرشتو به ٺيڪ نه آهي، اسان ڪيترائي ڀيرا ايم ايس آفيس ويا آهيون پر هو آفيس ۾ ويهي ئي نه ٿو، ڪنهن جي آڏو دانهيون، اسپتال ۾ صفائيءَ وارو نظام به اڻپورو آهي، جنهن ڪري اسپتال ۾ گندگي ٿي وئي آهي ، ٻارڙن جون وارث عورتون به بدبوءِ سبب بيمار ٿيو پون، اسپتال جي هڪ بيڊ تي 2 کان 3 ٻارڙن کي
 داخل ڪيو وڃي ٿو، جنهن ڪري ٻارڙن جي سار سنڀال ڪندڙ ماڻهن کي سخت تڪليفن جو منهن ڏسڻو ٿو پوي. اسپتال ۾ موجود مريضن جي وارثن ٻڌايو ته آءِ سي يو وارڊ سميت سمورن وارڊن ۾ جيڪڏهن ٽي، ٽي ايئرڪنڊيشز لڳل آهن ته انهن مان 2 خراب آهن ۽ هڪ هلي رهي آهي، جيڪا گرمي تي ضابطو نه ٿي آڻي سگهي، اسپتال جي ماحول کي ڏسڻ کانپوءِ محسوس ٿو ٿئي ته ڄڻ ڪو به هن جي سنڀال ڪرڻ وارو ماڻهو نه آهي، هوڏانهن  انتهائي نازڪ حالت ۾ داخل ڪيل 3 ٻارڙن الهه ڏنو جتوئي، صدف سرگاڻي ۽ ثناءُ الله مگسي کي آءِ سي يو وارڊ ۾ جڳهه نه هجڻ ڪري آءِ سي يو وارڊ جي گيٽ آڏو گهٽيءَ ۾ رکيو ويو آهي، جتي ڪو به ايئرڪنڊيشن جو بندوبست ٿيل ناهي داخل ٻارڙا سخت گرميءَ سبب تڙپي رهيا هئا، ٻارڙن جي وارثن عبدالخالق تنيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسپتال ۾ سهولتن جي اڻهوند توڙي انتظاميا جي بي ڌياني خلاف اسپتال آڏو سخت احتجاج ڪري مطالبو ڪيو ته اسپتال اندر خراب ايئرڪنڊيشنز کي درست ڪيو وڃي، اسپتال ۾ صفائي وارو نظام ٺيڪ ڪيو وڃي ۽ سارسنڀال ڪندڙ عملي کي چست بڻايو وڃي، ٻئي طرف ٻارڙن جي لڳاتار موت سبب داخل مريضن توڙي سندن وارثن ۾ خوف واري صورتحال ڇانيل آهي.
فوت ٿيل ٻارن کي نازڪ حالت ۾ داخل ڪيو ويو هو، بسترن جي کوٽ سبب 3-3 ٻارن کي هڪ بيڊ تي داخل ڪيو ويندو آهي:ايم ايس
لاڙڪاڻو: رابطو ڪرڻ تي چانڊڪا اسپتال جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنگ ڊاڪٽر اشفاق ميمڻ ٻڌايو ته اسپتال ۾ گرمي يا گندگي سبب ڪو به ٻار فوت نه ٿيو آهي، جيڪي به ٻار فوت ٿيا آهن، انهن کي نازڪ حالت ۾ داخل ڪيو ويو هو، گذريل ڏينهن اسپتال جي بجلي صرف اڌ ڪلاڪ خراب ٿي هئي، جنهن کي فوري طور تي درست ڪرايو ويو هو، اسپتال ۾ بسترن جي شديد کوٽ آهي، جنهن ڪري 3-3 ٻارڙن کي به هڪ بيڊ تي داخل ڪيو ويندو آهي، اسپتال ۾ سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي، هر شيءِ معمول مطابق هلي رهي آهي.
اسپتال انتظاميا فوت ٿيل ٻارن جو رڪارڊ صحت کاتي جي اعليٰ اختيارين کي اماڻڻ يا ميڊيا کي ڏيڻ بدران لڪائي ڇڏيو
لاڙڪاڻو: هوڏانهن اهڙي صورتحال هوندي به اسپتال انتظاميا فوت ٿيل ٻارڙن جو رڪارڊ صحت کاتي جي اعليٰ اختيارين کي اماڻڻ يا ميڊيا کي ڏيڻ بدران لڪائي ڇڏيو آهي ۽ عملي کي سخت هدايتون جاري ڪيون آهن ته ڪنهن به صحافي کي ٻارڙن جي فوت ٿيڻ واري ڳالهه نه ٻڌائي وڃي، ٻئي طرف 24 ڪلاڪن ۾ 7 ٻارڙن جي فوت ٿيڻ واري مامري کي اسپتال انتظاميا معمول جو موت چئي ڪو ڌيان نه ڏنو آهي.\
THANK YOU
 ABDUL QADIR BULLO
--
You received this message because you are subscribed to the Google
Groups "JoinPakistan" group.
You all are invited to come and share your information with other group members.
To post to this group, send email to joinpakistan@googlegroups.com
For more options, visit this group at
http://groups.google.com.pk/group/joinpakistan?hl=en?hl=en
You can also visit our blog site : www.joinpakistan.blogspot.com &
on facebook http://www.facebook.com/pages/Join-Pakistan/125610937483197


No comments:

Post a Comment